ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي سوانح حيات
(الف) ولادت ۽ ننڍپڻ: هن فاني دنيا ۾ ڪنهن به شيءِ جي بقا جو امڪان ڪونهي. ليڪن قوت عمل ئي هڪ اهڙي غير فاني شيءِ آهي جا انسان ذات کي زنده جاويد بنائي ڇڏي ٿي. اهڙن زنده جاويد انسانن ۾ چڪ جي اميربخش عرف ابو شوڪت حمزي خان جو اسم گرامي به شمار ڪجي ٿو. سنڌ جي سرزمين جيتري قديم آهي اوتري ئي سندس پيداوار اتم ۽ عظيم آهي. هن ماتر ڀومي ۾ انيڪ املهه ارواحن جنم ورتو. جهڙوڪ شاهه عنايت شهيد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، سامي، شهيد الله بخش سومرو، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد وغيره جن پنهنجي علم ۽ عمل ذريعي دنيا کي بدلائي رکيو. اهڙي طرح شاعر، سياستدان صحافي، سماجي ورڪر، استاد، کاهوڙي انسان، ڪامريڊ امير بخش مهر عرف ابو شوڪت حمزو خان 1 جون 1894ع مطابق 5 ذوالحج 1311هجري ڳوٺ هنباهه لڳ چڪ ۾ محمد خان مهر جي گهر پيدا ٿيو جنهن پنهنجي ڪردار سان تاريخ ۾ جاءِ والاري . سندس ننڍپڻ هنباهه ۾ گذريو. ڪامريڊ حمزي خان جي طبيعت ننڍي هوندي کان ئي اِمتيازي حيثيت جي حامل هئي. سندس پروش پنهنجي والد جي زير نظر ٿي. روايت آهي ته ننڍپڻ ۾ هڪ دفعو پاڻ پنهنجي والد سان گڏ داتا فيض درياهه شاهه هنباه...