Posts

ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي سوانح حيات

Image
(الف) ولادت ۽ ننڍپڻ: هن فاني دنيا ۾ ڪنهن به شيءِ جي بقا جو امڪان ڪونهي. ليڪن قوت عمل ئي هڪ اهڙي غير فاني شيءِ آهي جا انسان ذات کي زنده جاويد بنائي ڇڏي ٿي. اهڙن زنده جاويد انسانن ۾ چڪ جي اميربخش عرف ابو شوڪت حمزي خان جو اسم گرامي به شمار ڪجي ٿو. سنڌ جي سرزمين جيتري قديم آهي اوتري ئي سندس پيداوار اتم ۽ عظيم آهي. هن ماتر ڀومي ۾ انيڪ املهه ارواحن جنم ورتو. جهڙوڪ  شاهه عنايت شهيد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، سامي، شهيد الله بخش سومرو، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد وغيره جن پنهنجي علم ۽ عمل ذريعي دنيا کي بدلائي رکيو. اهڙي طرح شاعر، سياستدان صحافي، سماجي ورڪر، استاد، کاهوڙي انسان، ڪامريڊ امير بخش مهر عرف ابو شوڪت حمزو خان 1 جون 1894ع مطابق 5 ذوالحج 1311هجري ڳوٺ هنباهه لڳ چڪ ۾ محمد خان مهر جي گهر پيدا ٿيو جنهن پنهنجي ڪردار سان تاريخ ۾ جاءِ والاري . سندس ننڍپڻ هنباهه ۾ گذريو. ڪامريڊ حمزي خان جي طبيعت ننڍي هوندي کان ئي اِمتيازي حيثيت جي حامل هئي. سندس پروش پنهنجي والد جي زير نظر ٿي. روايت آهي ته ننڍپڻ ۾ هڪ دفعو پاڻ پنهنجي والد سان گڏ داتا فيض درياهه شاهه هنباه...

هندستان جي قومن جو اجتماع : نيشنل آهي يا انٽرنيشنل؟ مولانا عبيدالله سنڌي

هندستان جي قومن جو اجتماع : نيشنل آهي يا انٽرنيشنل؟ نيشنل ڪانگريس جڏهن شروع ڪئي وئي هئي ته ان جو مقصد هي قرار ڏنو ويو هو ته اينگلو انڊين طبقي سان گڏ انگريزي ڳالهائيندڙ هندستاني گڏجي هڪ نئين قوميت جي پيڙهه رکندا، جيڪا انگريزن سان سماجي لاڳاپن ۾ وابسته رهندي، ته جيئن برٽش گورنمينٽ جي لاءِ هڪ اعتبار جوڳي سوسائٽي ٺهندي رهي. ان ريت جڏهن به هندستاني مطالبن کان مجبور ٿي ڪري حقوق بخشيءَ جي ضرورت پوندي ته انهيءَ سوسائٽيءَ کي هندستان جو قائم مقام مڃيو ويندو. برٽش ڪامن ويلٿ جون حالتون ڏسڻ سان سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو ته ان قسم جي پاليسي برطانيه سلطنت جي اصول ۾ خاص اهميت رکي ٿي. ڪانگريس جي بانيڪارن جو اصلي نصب العين ته تڏهن ئي پورو ٿي سگهيو پئي جڏهن اينگلو انڊين ان جماعت تي حاڪم رهن ها، پر بنگالي نيشنلسٽن هندستان جي نمائندگيءَ ۾ اهڙيءَ ريت پيش قدمي شروع ڪري ڏني، جنهن جو مقابلو اينگلو انڊين نه ڪري سگهيا. ان کان پوءِ انهيءَ سلسلي ۾ بنگال ۽ بمبئيءَ جا نيشنلسٽ اڳتي وڌندا ويا، اها به هڪ حقيقت آهي ته جيتري قدر منجهن هندوسانيت وڌندي وئي اوترو گورنمينٽ، ڪانگريس کي ناپسند ڪرڻ لڳي. اسان ان ٻ...